ڪنري (ن پ ا) ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم ٻارڙي زخمي، ڳوٺ پٺاڻ آباد ۾ ڪچيءَ گھر جي ڀت ڪرڻ سبب 12 ورھين جي معصوم نينگري چندران ڌيءَ امولک ڪولھي زخمي ٿي پئي. ٻارڙي کي تعلقي اسپتال ڪنري آندو ويو. جتي کيس داخل ڪيو ويو آھي. وارثن موجب نينگري راند ڪئي پئي ته گھر جي ڪچي ڀت مٿس ڪري پئي جنھن سبب ھن کي منھن ۽ ھٿن تي ڌڪ لڳا آھن.