مٽياري( رپورٽر) مٽياري ضلعي جي سمورن ٿاڻن، آفيسن، پوليس لائين ۽ مال خانن ۾ صفائي مهم شروع ڪئي وئي آهي، ڊي آءِ جي حيدرآباد ريجن شرجيل کرل پاران مٽياري ضلعي جي دوري بعد خاص هدايت ڪئي هئي ته ضلعي مٽياري جي سمورن ٿاڻن ۽ پوليس کاتي جي سمورين آفيسن اندر صفائي جو هفتو ملهايو وڃي، جنهن بعد ايس ايس پي مٽياري آصف احمد ٻگھيو ضلعي جي سمورين ڊي ايس پيز، ايس ايڇ اوز، سمورين برانچن جي انچارجن کي حڪم ڏنو آهي ته اهي پنهجي پنهجي ٿاڻن ۽ آفيسن ۾ صفائي جو هفتو ملهائين جنهن بعد مٽياري، سيکات،جاکري،کيبراڻي ، اڏيرولال اسٽيشن ،اڏيرولال وليج ،ڀٽ شاهه ،هالا،نيوسعيدآباد ، بٺو فاريسٽ ،هالا اولڊ، ڀاڻوٺ، نور ڪيٽي ٿاڻي ۽ ايس ايس پي آفيس، پوليس هيڊ ڪوارٽر، ايم ٽي سيڪشن، ڊي آئي بي برانچ ۽ ٻين هنڌن صفائي ڪئي وئي ۽ جنهن جي رپورٽ ڊي آئي جي آفيس ۾ داخل ڪرائي وئي آهي.