جهوڪ شريف (ن پ ا) جهوڪ شريف شهر جو ڊرينيج سسٽم ناڪاره بڻجي ويو، ورهين کان نه مرمت ٿي ۽ نه وري نئين اسڪيم منظور ٿي. شهر جي مين بازار سميت جتوئي محلي، شيدي محلي، ملاح محلي ۽ صوفي محلي سميت اڪثر پاڙن جون گٽر ناليون هنڌان هنڌان ٽٽي ناڪاره ٿي ويون. تفصيل موجب صوفي شاھ عنايت شهيد جي نگري جهوڪ شريف حڪمرانن، ڪامورن ۽ چونڊيل نمائندن جي بي ڌياني سبب گندگي جي ور چڙهي وئي. شهر جو ڊرينيج سسٽم مڪمل طور ناڪاره بڻجي چڪو آهي. مشرف دور ۾ ٺهيل گٽر ناليون هنڌان هنڌان ختم ٿي چڪيون آهن، جنهن ڪري هر وقت گندو پاڻي روڊن رستن ۽ گهٽين ۾ تلاءُ جي صورت ۾ بيٺل رهي ٿو. رهواسين ۽ واپاري ايسوسيئيشن جي صدر حاجي خان جلالاڻي، ربنواز جتوئي، غلام حسين ڪنڀار، سرور درس ۽ ٻين ٻڌايو ته ورهين کان شهر جو ڊرينيج سسٽم ناڪاره بڻيل آهي، جنهن ڪري شهر ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن، بجيٽ پڻ ڪامورا هڙپ ڪري وڃن ٿا. هنن لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد نوٽس وٺي ڊرينيج سسٽم کي بحال ڪيو وڃي.