ڀان سيدآباد (ن پ ا) ڀان سيدآباد ۾ سيپڪو سکر پاران رمضان دوران بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي اعلان تي سيپڪو ڀان عمل نه ڪيو آهي، فيڊر ڀان ٽو ٻهراڙي تي رمضان دوران به سڄو سڄو ڏينهن بجلي جي هٿرادولوڊشيڊنگ ڪري بجلي بند ڪئي وڃي ٿي جنهن جي ڪري سخت گرمي دوران روزيدار توڙي ڳوٺاڻا تڙپي رهيا آهن، ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن احتشام حسين، محمد اويس، سڪندر علي، گلزار احمد ۽ شهباز بلوچ دانهيندي ٻڌايو ته ڀان فيڊر ٽو رمضان دوران به هر وقت بند رهي ٿو، 24 ڪلاڪن مان صرف 6 ڪلاڪ رات جو بجلي اچي ٿي جيڪا پڻ بار بار ڊم ڪئي وڃي ٿي،سيپڪو عملدارن ناجائز طريقي سان پيرشاخ وٽ ڊي فٽينگ لڳائي آهي جنهن ذريعي من پسند ڳوٺن کان پئسا وصول ڪري بجلي فراهم ڪن ٿا باقي ڳوٺن جي بجلي ڊي فٽينگ کان ڪاٽي ڇڏين ٿا، جنهن سبب فيڊرڀان ٽو ٻهراڙي جا 50 کان وڌيڪ ڳوٺ بجلي کان محروم بڻجي وڃن ٿا، هنن چيو تہ ماه رمضان دوران حڪومت کان ريليف ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ان جي باوجود به سيپڪو عملدار بجلي جو ريليف نه ٿا ڏين جيڪا وڏي ناانصافي آهي، رمضان دوران هڪ طرف روزيدار گرمي ۾ تڙپي رهيا آهن،ته وري ٻئي طرف بجلي بند هجڻ سبب ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو فقدان پيدا ٿي ويو آهي، پر افسوس ته سيپڪو ڀان جي عملي جي ڪنن تي جوء به نه ٿي چري. هنن آخر ۾ سيپڪو سکر جي چيف ۽ وفاقي حڪومت جي اختيارين کان مطالبو ڪيو تہ ڀان فيڊر ٽو ٻهراڙي تي بجلي جي رمضان دوران بندش جو نوٽيس وٺي بجلي فراهم ڪئي وڃي ۽ نااهل سيپڪو عملدارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ هو مجبور ٿي سخت احتجاج ڪندا.جنهن جي ذميواري سيپڪو ڀان مٿان هوندي.