ٽنڊوآدم (ن پ ا) آبپاشي کاتي سب ڊويزن ٽنڊوآدم ٽو جي زير انتظام وهندڙ ۽ روهڙي ڪينال مان نڪرندڙ سوئي ڪندر شاخ جي پوڇڙي تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ سنڌ حڪومت شاخ کي پڪو ڪرڻ لاءِ 48 ڪروڙ رپين جي بجيٽ ڏني پر آبپاشي کاتي جي ڪامورن جي ناقص منصوبا بندي ۽ ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ سبب شاخ جي پوڇڙي اڄ به پاڻي کان محروم بڻيل آهي. شاخ کي پڪو ڪرڻ لاءِ لڳايل سليب ٽٽي رهيا آهن. شاخ جي آبادگارن مشتاق بروهي، اعجاز، ورياھ پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز آڏو دانهيو ته شاخ جي پڪي ڪرڻ لاءِ آيل 48 ڪروڙ رپين باوجود اسان پاڻي کان محروم آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت جاچ ڪري ته ايڏي وڏي رقم ڪٿي خرچ ڪئي وئي ۽ پوڇڙ تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ قدم کنيو وڃي.