ڪنري (ن پ ا) ڪنري ڀرسان نينگري برساتي پاڻي سان ڀريل شاخ ۾ ٻڏي فوت، خبر موجب موھن ڪولھي ڪالوني ۾7 ورھين جي چندران ڌيءُ سکيو ڪولھي پير ترڪڻ سبب شاخ ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي، وارثن موجب نينگري پنھنجي ماءُ سان گڏ ڪپڙا ڌوئڻ لاءِ شاخ تي وئي، جتي پير ترڪڻ سبب شاخ ۾ ڪري پئي، ماءُ جي رڙين تي پاڙيسرين پهچي نينگري کي ٻاھر ڪڍي ڪنري اسپتال پھچايو پر هوءَ فوت ٿي چڪي ھئي، رھواسين ٻڌايو ته گھرن ڀرسان گذرندڙ شاخ کي بااثر پاران ڳنڊو ڏنو ويو آھي، جنھن سبب شاخ ۾ 6 فوٽن کان مٿي پاڻي بيٺل آھي،