صالح پٽ (ن پ ا) صالح پٽ لڳ جوابدارن لٺيون ھڻي نينگر ۽ عورت سميت ٽن گهرڀاتين کي زخمي ڪري ڇڏيو. ڳوٺ رياض آباد جي رھواسي علي نواز ملاح ۽ سندس زال بادشاھزادي پاڪ ڪتاب ھٿن ۾ کڻي  صالح پٽ پوليس ۽ جوابدارن خلاف احتجاجي مظاھرو ڪندي دانھيو ته بنا جواز جي جوابدارن ديدار رند ۽ آصف رند  لٺيون ھڻي مون کي، منھنجي زال ۽ پٽ کي زخمي ڪيو آھي. اھڙي دانھن کي صالح پٽ ٿاڻي تي به وياسين پر پوليس جوابدارن خلاف ڪيس نٿي وٺي. ھنن ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.