حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ڦرلٽ جا واقعا رڪجي نه سگهيا، ڦورو سيمينٽ ڊيپو تي ڪاهه ڪري دڪاندار کان هزارين رپيا روڪ رقم ڦري ويا، پوليس مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪري ڦرلٽ ۽ منشيات وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ 5 ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته هٽڙي ٿاڻي جي حد خانگي اسپتال ڀرسان موٽرسائيڪل تي سوار ٽن ڦورن ماشاءَ الله سيمينٽ ڊيپو تي ڪاهه ڪري 50 هزار رپيا روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا. قاسم آباد پوليس گهرن مان چوريون ڪندڙ آفاق جوڻيجو ۽ سنيل نالي جوابدار کي گرفتار ڪري دعويٰ ڪئي ته جوابدارن 7 وارداتن جو اعتراف ڪيو آهي ۽ 7 موٽرسائيڪلون به هٿ ڪيون ويون آهن. ايئرپورٽ پوليس گشت دوران منشيات وڪرو ڪندڙ اعظم ڇٽو کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان اڍائي ڪلو چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ڦليلي پوليس به ٽنڊو مير محمود مان عرفان پرهياڙ کي هڪ ڪلو 5 گرام چرس ۽ اسلام آباد ڦاٽڪ وٽان جوابدار عمران علي کي 5 ليٽر ڪچي شراب سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي.