اسلام آباد (بيورورپورٽ+ م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ڀارتي هم منصب نريندر موديءَ کي سنجيدا ۽ هاڪاري ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم چيو ته گڏيل عرب رياستن جو دورو سڀ کان ڪامياب دورو ثابت ٿيو، سعودي عرب ۽ يو اي ايِ سان تاريخي لاڳاپا آهن، يو اي ايِ پاڪستانين لاءِ ٻئي وطن جهڙو آهي ۽ گڏيل عرب رياستن جي صدر شيخ محمد بين زايد ال نهيان پاڪستان جو سڀ کان وڏو خير خواهه آهي ۽ هو پاڪستان جي مدد ۾ سدائين اڳڀرو رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ نار وارن ملڪن جا مفاد هڪجهڙا آهن ۽ اسان جا لاڳاپا تحفن کان وڌيڪ اهميت رکن ٿا، اسان تحفن کان وڌيڪ مضبوط سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي يقين رکون ٿا. هن چيو ته اسان جو مقصد سيڙپڪاري ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي، اسان اعتماد جوڳن دوستن ڏانهن مدد لاءِ هٿ وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. شهباز شريف چيو ته دوست ملڪ وقت سر مدد نه ڪن ها ته صورتحال کي منهن ڏيڻ ناممڪن هجي ها، نار وارن ملڪن جي مدد سان مُلڪ جا مئسلا گهٽيا آهن پر اسان امداد سيڙپڪاري جي صورت ۾ چاهيون ٿا. وزيراعظم ڀارتي هم منصب نريندر مودي کي ڳالهين جي آڇ ڪندي چيو ته وزيراعطم نريندي مودي کي سنجيدا ۽ هاڪاري ڳالهين جي دعوت ڏيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت کي فضول جي ڇڪتاڻ ۽ جهيڙن مان نڪرڻو پوندو ۽ ٻنهي ملڪن کي عوام جي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن ڀارت پنهنجو رويو تبديل ڪري ڳالهيون ڪري ته اسان تيار آهيون. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ڀارت ٽي جنگون وڙهي بُک، بيروزگاري کان سواءِ ڪجھه حاصل ناهي ڪيو، عوام لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور آهي ٿي ويو آهي ، هاڻي اسان کي اِهو سلسلو روڪڻو پوندو تنهنڪري ٻنهي مُلڪن کي اختلاف ختم ڪري سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻو پوندو، ڪشمير سميت سمورن تڪراري مسئلن جي حل لاءِ ڳالهيون اڻثر آهن. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڀارت کي ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي روڪڻي پوندي، ڀارت 2019ع جي تڪراري آرٽيڪل ذريعي ڪشمير جي اصل حيثيت جي لتاڙ ڪئي آهي، ڀارت ۾ اقليتن خلاف جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اِهو  سڀني جي سامهون آهي. ٻئي پاسي وزيراعطم آفيس وزيراعظم شهباز شريف جي عرب ميڊيا کي ڏنل انٽرويو تي وضاحتي بيان جاري ڪندي ڇڏيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت کي خاص خاص طور ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم واضح طور چيو آهي ته ڳالهيون  تڏهن ٿينديون جڏهن ڀارت 5 آگسٽ 2019 وارو فيصلو واپس وٺي ۽ والاريل ڪشمير جي اصل ۽ خاص حيثيت بحال ڪندو. وزيراعظم آفيس موجب وزيراعظم چيو ته ڀارتي فيصلي کي رد ڪرڻ کانسواءِ ڳالهيون ممڪن ناهن، گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي اميدن پٽاندڙ ڪشمير جو مسئلو حل ٿيڻ گهرجي. ترجمان موجب وزيراعظم تازو گڏيل عرب رياستن جي دوري دوران به عرب ميڊيا کي انٽرويو ۾ اِهو موقف واضح ڪيو آهي.