غوثپور ڀرسان ڪارنهن تڪرار تان قتل ٿيل 4 ڄڻن جا لاش وارثن حوالي

0
212
غوثپور ڀرسان ڪارنهن تڪرار

غوثپور (رپورٽر) غوثپور ڀرسان ڪارنهن تڪرار تان قتل ٿيل 4 ڄڻن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آهن، اوڳاهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران مارجي ويل ٽن ڀائرن سوڌو 4ڄڻن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا

اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، علائقي ۾ خوف واري صورتحال پکڙيل آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته مقتولن جي وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪرڻ بعد جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ آندي ويندي، مقتولن ۾ اميد علي، محمد  علي، سعيد علي ۽ محمد بخش  اوڳاهي شامل آهن

گذريل ڏينهن اوڳاهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي ڪارنهن  تڪرار تان جهيڙو ٿيو هو ، جنهن ۾ ٽن ڀائرن سوڌو چار ڄڻا قتل ٿي ويا هئا

هي به پڙهندا

سکر، جوهي ۽ ٽنڊو آدم ۾ مبينا پوليس مقابلن دوران 4 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار