لاهور(م ڊ) پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو عهدو، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرميني ۽ پارلياماني ليڊر جا عهدا ڏيڻ ۽ عام يا پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊون رمضان کان اڳ ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي اسپيڪر سان ڳالهين لاءِ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي. فواد چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف کي ڪشمير وڪڻڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. اسان جون استعيفائون قبول ڪرڻ جي مهرباني پر ٽئي اهم عهدا وري به اسان کي ئي ملندا. ڪالهه پارٽي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر، پي اي سي جو چيئرمين ۽ پارلياماني ليڊر جا عهدا اسان جو حق آهي اهي اسان کي ڏنا وڃن.هن چيو ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلي جا نوان مثال قائم ڪيا ويا جن جي جاچ جو مطالبو ڪريون ٿا ۽ مڪاني چونڊن جي نتيجن کي رد ڪريون ٿا. سنڌ حڪومت پاڻ شهرين کي چيو ته صورتحال بهتر نه آهي، حڪومت ئي ماڻهن کي ڊيڄاريندي ته ووٽنگ جي شرح ته گهٽ ٿيڻي ئي آهي، ٽن ڏينهن تائين نتيجا نه اچي سگهيا اڄ واضح ٿي ويو ته ڇو پي ڊي ايم اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي مخالفت ڪئي مشينن جي استعمال سان نتينجن ۾ دير نه ٿئي ها. هن چيو ته ڪي پي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري اچي ويندي اميد آهي ته گورنر پنجاب جي گورنر جيان اسيمبلي ثوڙڻ ۾ رنڊڪ نه بڻبو ۽ جلد ئي اسيمبلي ٽوڙيندو. هن چيو ته پنجاب ۾ پارلياماني پارٽي جي قيادت ميان اسلم ڪندو، اليڪشن رمضان کان پهرين ڪرايون وڃن. هن چيو ته  ن ليگ نگران وڏي وزير جي نالن جو لطيفو ڇڏيو آهي، اهي قبول نه آهن، احد چيمه نيب جو جوابدار آهي محسن نقوي جي نالن تي سنجيده ڳالهه ٻولهه نه ٿي ٿي سگهي. احمد نواز سکيرا ۽ ناصر کوسا سٺي شهرت وارا آهن ناصر کوسا کي اپيل آهي ته فيصلي تي نظرثاني ڪري. اسان جا اماڻيل نالا سنجيده آهن. هن چيو ته اسان جي خواهش آهي ته وفاقي حڪومت اسان سان ويهي ۽ اليڪشن جو فريم ورڪ تيار ڪري، پاڪستان ۾ سياسي استحڪام هوندو ته معاشي استحڪام ايندو اڃا تائين ايوان ۾ واپسي جو فيصلو نه ٿيو آهي. هن چيو ته عمران خان حملي ڪيس جي جي آءِ ٽي کي جيئن هينڊل ڪيو ويو اهو افسوسناڪ آهي، ماڻهو جي آءِ ٽي جو ميمبر بڻجڻ لاءِ تيار نه آهن ارشد شريف معاملي ۾ به اهو ئي ڪجهه ٿيو آهي. عمران تي حملو ڪا عام ڳالهه نه آهي اسان جاچ مان مطمئن ناهيون چيف جسٽس ان جو نوٽيس وٺي. هن چيو ته  پرويز خٽڪ ۽ عامر ڊوگر اسپيڪر سان ملي چوندا ته اپوزيشن ليڊر جو عهدو اسان کي ڏنو وڃي، هائوس ۾ واپسي جو ڪو فيصلو نه ڪيو آهي، ان بعد اعتماد جي ووٽ يا وري بي اعتمادي جي ووٽ جو فيصلو ٿيندو ان ۾ جيڪي ن ليگ جا ميمبر اسان سان رابطي ۾ آهن اهي اسان جو ساٿ ڏيندا ۽ غيرحاضر رهي سگهن ٿا. نگران وڏي وزير بابت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو قطعي هوندو. هن چيو ته احمد نواز سکيرا نامزدگي کان اڳ رٽائر ٿي ويندو. 35 ميمبرن جون استعيفائون منظور ٿيڻ تي رد عمل ۾ هن چيو ته اسان جون استعيفائون قبول ڪرڻ جي مهرباني پر جيستائين توهان ٻيون 70 استعيفائون قبول نه ڪندئون اپوزيشن ليڊر ۽ پارلياماني پارٽي جا عهدا تحريڪ انصاف وٽ ئي اچڻا آهن. پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي به تحريڪ انصاف جو حق آهي. اميد آهي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ان ڏس ۾ اسان جي ملتوي ڪيل ڪيسن جو فيصلو ڏيندو. فواد چوڌري چيو آهي ته. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي بابت بيان کي ٻڌي صدمو رسيو، ڀارت سان ڳالهين جي خيرات پنڻ پاڪستان جي پاليسي ۾ شامل نه آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف کي ڪشمير کپائڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، مودي حڪومت والاريل ڪشمير جي پهرين واري پوزيشن بحال ڪري پوءِ ئي ڳالهيون ٿينديون اسان ان سوچ کي سختي سان رد ڪريون ٿا.