ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ نيشنل هاءِ وي تي گهگهر ڦاٽڪ ويجهو سسئي ٽول پلازا جي ٺيڪي ۾ ڪرپشن ۽ وقت سر نيلامي نه ڪرڻ خلاف درخواست تي ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي سيڪريٽري عمران عطا سومرو پاران جمع ڪرايل جواب جو درخواستگذار کي جائزو وٺي 11 آگسٽ تي دليل طلب ڪري ورتا آهن. ڪالهه ڪانٽريڪٽ پلس ڪمپني پاران داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي دوران ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي سيڪريٽري عمران عطا سومرو عدالت ۾ پيش ٿي معافي گهري، جنهن تي عدالت عمران عطا سومرو جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ ختم ڪري ڇڏيا، سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز جمع ڪرايل جواب ۾ عدالت کي ٻڌايو ته مس ڪميونيڪيشن سبب گذريل ٻڌڻي تي جواب جمع نه ڪرائي سگهياسين، سسئي ٽول پلازا بابت هڪ ڪيس پهريان ئي ٻڌڻي هيٺ آهي، هن ڪيس سبب ڪنٽريڪٽ ۾ دير ٿي رهي آهي، جنهن بعد عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 11 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سسئي ٽول پلازه جو معاهدو هلندڙ سال فيبروري ۾ ختم ٿيو پر ان کي غير قانوني طور تي 30 جون تائين وڌايو ويو هو جيڪو معاهدو پڻ 30 جون تي ختم ٿي ويو آهي پر اڃا تائين ڪي به ٽينڊر طلب نه ڪيا ويا آهن. واضع رهي ته گذريل ٻڌڻي تي جواب جمع نه ڪرائڻ تي عدالت ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي سيڪريٽري جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا.