ڀٽ شاهه (ن پ ا) ڀٽ شاھ ۾ حيسڪو جي زيادتين خلاف ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي جي رھواسين ۽ عزادارن پاران ھٿن ۾ الم پاڪ کڻي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. فريد نظاماڻي، سيد نور شاھ، رفيق خاصخيلي، حب علي ڪوري، مظفر نظاماڻي ۽ ٻين چيو ته محرم الحرام جي ڏھاڙن ۾ بجلي ڪٽڻ ظلم جي انتھا آھي بل پيارڻ باوجود چند باقيدارن جي سزا سموري ڳوٺ کي ڏني پئي وڃي ماتمي جلوس ۽ مجلس عزا ٿي رھيا آھن بجلي بند ڪرڻ عزاداري ۾ خلل وجھڻ برابر آھي. ڀٽ شاھ جو ايس ڊي او نااھل آھي ان کي فوري طور تي ھٽايو وڃي ۽ ڳوٺ جي بجلي بحال ڪري رھواسين سان ظلم و ذيادتي جو سلسلو بند ڪيووڃي ڳوٺاڻن چتاء ڏيندي چيو ته بجلي جي بحالي تائين اسان جي جدوجھد جاري رھندي.