ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ چورن اسڪول کي به نه بخشيو. ميهڙ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد راڌڻ اسٽاپ ڀرسان سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي انتظام هيٺ هلندڙ اسڪول  سن لائيٽ اڪيڊمي ميھڙ ۾ نامعلوم چور داخل ٿي اسڪول مان سولر پليٽون، پکا،  موٽر ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا. واقعي جو اطلاع ميهڙ ٿاڻي تي ڏنو ويو. پرنسپال اشرف علي کوسو موجب هڪ هفتو اڳ به اسڪول مان چوري ٿي هئي پر پوليس ڪو به تحرڪ نه ورتو ۔ هي چوري جي ٻي واردات پيش آئي آھي.