سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ ڏوهاري سرگرم ٿي ويا آهن. گذريل ڏينهن مدرسہ دارالفيوض قاسميہ جي جامع مسجد ۾ جمعي جي نماز ادا ڪرڻ لاء آيل ڊي اي او سيڪنڊري جي نائب قاصد امان الله خليفو جي موٽر سائيڪل نماز جي دوران نامعلوم چور چوري ڪري ويا، رات دير سان چور سجاول جي هندو محلا ۾ سيٺ تارا چند جي ڪرياني جي دڪان جا تالا ٽوڙي هزارين روپين جو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا. شهرين پي ٽي آئي اڳواڻ سيد ممتاز شاھ، عوامي تحريڪ ضلعي صدر حسين آزاد، سماجي ورڪر شاهد جان ميمڻ ۽ ٻين مطالبو ڪيو تہ ايس ايس پي سجاول کي بدلي ڪري سندس جاء تي ايماندار ۽ فرض شناس ايس ايس پي مقرر ڪري سجاول ۾ امن امان قائم ڪيو وڃي.