ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ڀرسان اغوا ٿيل 3 ڄڻا بازياب نه ٿي سگهيا، ڌاڙيلن ٻن مغوين مٿان تشدد واري وڊيو وائرل ڪري ڇڏي، پنجاب واسي مغوي آصف مهاڻو, بس ڊرائيور سردار ڪنڊراڻي ۽ الطاف پنهور کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي، ڌاڙيلن سردار ڪنڊراڻي ۽ الطاف پنهور مٿان تشدد ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي زنجيرن ۾ جڪڙيل مغوين مٿان تشدد ڪيو پيو وڃي ۽ مغوي پوليس کي منٿون ڪري رهيا آهن، مغوي دانهون ڪندي چئي رهيا آهن ته پوليس ڏوهارين جا گهر ساڙيا جنهن جي ڪري هنن اسان کي اغوا ڪيو آهي، ايس ايس پي کي خدا جو واسطو آهي ته ڪنهن جا به گهر نه ساڙيو، ڌاڙيل چون ٿا ته پوليس ٻين جي چوڻ تي اسان جا گهر ساڙي نقصان ڪيو آهي، مغوين ايس ايس پي ڪشمور کي اپيل ڪئي ته ڌاڙيل سخت تشدد ڪن ٿا، اسان کي آزاد ڪرايو، ٻي صورت ۾ اسان جي جان کي خطرو آهي، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او ڪرمپور چيو ته ڏوهارين جا گهر ساڙيا آهن، جيڪو ڏوھ ڪندو ان کي بخش نه ڪنداسين، ڏوهارين جا ماڻهو به اسان وٽ آهن، مغوين کي جلد بازياب ڪرايو ويندو، علائقي جو امن خراب ڪندڙ ڏوهارين جي گرفتاري تائين پوليس ڪارروائي جاري رهندي.