غوثپور (رپورٽ: ظفر ڀيو) غوثپور ويجھو مين انڊس ھاءِ وي تي دبئي اسٽاپ ڀرسان پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ مبينا مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ٻه ڏوھاري بابن ڀيو ۽ بگو ڀيو کي مارڻ، جڏھن ته ھڪ ڏوھاري صدام شيخ زخمي ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، پوليس پاران ڄاڻايو ويو آھي ته گذريل ڏينھن اغوا ٿيل پنج بينڪ ملازمن کي ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ منتقل ڪرڻ جو اطلاع مليو ته پوليس بروقت پھچي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ علائقي ۾ پھتي ته ڏوھارين پوليس مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ٻه ڏوھاري بابن ڀيو ۽ بگو ڀيو مارجي ويا، ھڪ ڏوھاري صدام شيخ زخمي ٿي پيو، جنھن کي ساٿي کڻي فرار ٿي ويا، واقعي بعد پوليس علائقي ۾ ناڪابندي ڪري علائقي کي ڪڙو چاڙھي ماڻھن کي ٻاھر نڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، ٻئي طرف مارجي ويل مبينا ڏوھارين جا لاش وصول ڪرڻ ڪو به وارث اسپتال نه پھتو، جنھن ڪري پوليس پاران لاش اسپتال جي سرد خاني ۾ رکرايا ويا آھن، پوليس موجب امن کي خراب ڪندڙ جوابدارن کي ڪنھن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو ۽ جلد اغوا ٿيل سڀئي مغوي بازياب ڪرائي سک جو ساھ کڻنداسين، ٻئي پاسي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو.