اسلام آباد (م ڊ) پارليامينٽ هائوس جي مسجد مان ڪيترن ئي نمازين جا جوتا چوري ٿي ويا. پارليامينٽ هائوس جي مسجد ۾ جمعي نماز لاءِ ميمبر ۽ اعليٰ آفيسر موجود هئا، ان دوران مسجد مان اسيمبلي ميمبرن، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي آفيسرن ۽ صحافين جا جوتا گم ٿي ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته 20 کان وڌيڪ نمازين جا جوتا چوري ٿيا آهن.