اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صدر جي خطاب دوران گوڙ ڪندڙ اپوزيشن ميمبرز کي جهنگلي ڀولڙا قرار ڏئي ڇڏيو، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان آمرن جو مقابلو ڪيو آهي، جهنگلي ڀولڙن کان ڊڄڻ وارا نه آهيون، اپوزيشن جي ٻن ميمبرز جي معطلي ضروري هئي، هڪ مثال قائم ٿيڻ گهرجي ته پارليامينٽ جي رولز جي دائري ۾ رهي ڪم ڪيو وڃي، اپوزيشن وارا دائري ۾ رهي ڪم ڪندا ته آجيان ڪنداسين، پارليامينٽ هائوس ۾ آصفه ڀٽو زرداري سان گڏ پريس ڪانفرنس پ پ چيئرمين چيو ته اپوزيشن وارا هٿئين خالي آصفه کان ڊڄي رهيا آهن، هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو چيو ته حڪومتي قدمن باوجود ماني سستي نه ٿي آهي. بلاول چيو ته مولانا فضل الرحمان کي احتجاج ڪرڻو آهي ته ڪي پي ۾ ڪري، مولانا جاچ ڪري سندس ماڻهو غلط بياني ڪري رهيا آهن، سياست اوهان جو حق آهي پر پرڏيهي پاليسي تي سڀني کي متحد هجڻ گهرجي، گڏيل پارليامينٽ اجلاس ۾ موجود سفير پنهنجي ملڪن کي اپوزيشن جي ڪردار تي سائفر موڪليندا.