ميرپور ماٿيلو (ن پ ا) ميرپورماٿيلو ويجهو ڪچي مان فيڊرل بورڊ آف روينيو جو عملدار مبينا عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويو، ڌاڙيلن وارثن کان هڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته ايف بي آر هيڊ ڪوارٽر ۾ مقرر 18هين گريڊ جو آفيسر رحمت الله گهر وارن کي اهو چئي نڪتو ته هو دوست سان عيد ملڻ ٿو وڃي، مغوي عملدار جي سالي محمد شفيق اغوا جي ايف آءِ آر داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته ڌاڙيلن فون ڪال ڪري هڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي ڌاڙيل سنڌي ۾ ڳالهائي رهيا هئا، جن چيو ته گهوٽڪي جي ڪچي مان ٿا ڳالهايون، رحمت الله اسان وٽ آهي، ڀنگ ڏئي بازياب ڪرايو، ايف آءِ آر موجب رحمت کي نامعلوم ماڻهن 12 اپريل تي اغوا ڪيو، هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي ايس ايس پي گهوٽڪي سمير چنو ايف بي آر عملدار جي اغوا جي تصديق ڪندي چيو ته رحمت الله ڪشمور جي ڪچي پهچڻ بعد اغوا ٿيو آهي، سندس بازيابي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.