ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڪامورن  جون بدليون، ان ڏس ۾ ناڻي کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري شهمير ڀٽو کي بدلي ڪري سي ايم انسپيڪشن ٽيم ۾ اسپيشل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سي ايم انسپيڪشن ٽيم ۾ 20هين گريڊ جي اسپيشل سيڪريٽري واري عهدي تي مقرر 19هين گريڊ جي آفيسر اعجاز پٺاڻ کي ساڳئي اداري۾ سي ايم انسپيڪشن ٽيم جو ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي،هوڏنهن سروسز کاتي جي اختيارين گهرو کاتي ۾ مقرر 19هين گريڊ جي ايڊيشنل سيڪريٽري شازيه قاضي کي 20هين گريڊ جي خالي پيل اسپيشل سيڪريٽري (پرزن) جي عهدي جي اضافي چارج ڏئي ڇڏي، هوڏانهن.آبپاشي کاتي سيد فياض شاهه کي سپرنٽينڊنٽنگ انجنيئر خيرپور ايريگيشن سرڪل مقرر ڪري اشفاق نوح ميمڻ کي سپرنٽينڊنگ انجنيئر ويسٽرن سنڌ سرڪل لاڙڪاڻو مقرر ڪيو آهي، اهڙي طرح عبدالحميد شيخ کي ڊائريڪٽر هائيڊرو لاجي اينڊ ريسرچ حيدرآباد جي خالي پيل پوسٽ تي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته طارق احمد ڪيهر کي سپرنٽينڊنگ انجنيئر مگسي برانچ سرڪل لاڙڪاڻو جي خالي پيل عهدي تي مقرر ڪيو آهي،