ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ٿرڪول انرجي بورڊ جا نوان ميمبر مقرر ڪري ڇڏيا، ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب  ٿرڪول انرجي بورڊ ۾ پ پ ايم اين اي شازيا مري، تعليم ۽ معدني وسيلن واري وزير سردار شاھ، آبپاشي وزير ڄام خان شورو ۽ ايم پي اي حمير سنگهه جي فرزند ڪرني سنگهه کي ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي.