ڳڙهي ياسين (ن پ ا) ڳڙهي ياسين شهر جي اعواڻ محلي واسي  35 ورهين جي نوجوان  ناصر ملڪ قرضين کان تنگ اچي چاچي جي مينهن جي واڙي اندر پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو، فائر جي آواز تي گهر ڀاتي واقعي واري هنڌ پهچي ويا، اطلاع تي ڳڙھي ياسين پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي فوتي نوجوان جو لاش کڻائي ڳڙهي ياسين اسپتال  آندو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو، ٻڌايو وڃي پيو ته مقتول ناصر ملڪ سي ڊي موٽرسائيڪل جون اسڪيمون هلائيندڙ هو، اوچتو موٽرسائيڪل جا ريٽ وڌي وڃڻ سبب اسڪيمن ۾ نقصان ٿيڻ سبب ڪافي وقت کان قرض ۾ ورتل هو، جنهن ڪري پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو.