ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو بيرسٽر گوهر صدر آصف علي زرداري تي تنقيد ڪري پنهنجو قد ڪاٺ وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، آءِ ايم ايف کي خط لکي امداد بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪرڻ واري بئريسٽر گوھر  طرفان آصف علي زرداري تي تنقيد کل جوڳي ڳالھھ آھي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته شهيد بي بي کانپوءِ آصف علي زرداري وفاق کي مضبوط ڪرڻ جي علامت طور سامھون آيو، ، آصف علي زرداري سرحد صوبي  تي ڪي پي نالو رکيو. گلگت بلتستان کي صوبو  بڻايو.هن چيو ته صدر آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو لڳائي وفاق کي وڌيڪ سگھارو بڻايو،