ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ  کي 28 اپريل تي جناح گرائونڊ ۾ جلسي جي اجازت نه ملي، چيف جسٽس ڊي سي اوڀر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان کي اندازو آهي ته ضلعي انتظاميا ڪيتري غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو آهي؟ ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي دوران اوڀر ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر  پيش ٿيو، ان موقعي تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اسان آخري حڪم ۾ چيو هو ته ڊپٽي ڪمشنر مناسب جواب جمع ڪرائي، توهان ڪهڙو جواب جمع ڪرايو آهي؟ توهان کي اندازو آهي ته ضلعي انتظاميا ڪيتري غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو آهي، جنهن تي ڊي سي ٻڌايو ته  مزار قائد  سامهون گرائونڊ جي اجازت ڏيڻ اسان جي ذميواري ناهي، چيف جسٽس چيو ته توهان شايد غلط تشريح ڪري رهيا آهيو، ڊي سي صاحب فيصلو ڪريو، ايترو ٽائيم ڇو لڳي رهيو آهي، ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي وڪيل بئريسٽر علي طاهرچيو ته ساڳئي گرائونڊ تي  پ پ، ايم ڪيو ايم، پي ايس پي ۽ ٻيا جلسا ڪندا رهيا آهن، يا ته ماضي ۾ غلط فيصلا ڪيا ويا يا هاڻي غلط تشريح ڪئي پئي وڃي، جنهن تي سرڪاري وڪيل چيو ته اسان جو انهي جاءِ سان ڪو به تعلق ناهي، وفاق يا مزار قائد جي انتظاميه اجازت ڏيندي،  ڊپٽي ڪمشنر چيو ته اسان لاڳاپيل ادارن سان رابطو ڪيو آهي،  جواب ملڻ بعد  فيصلو ڪنداسين، ان سلسلي ۾ وفاق، مزار قائد جي انتظاميه، پوليس ۽ ٻين ادارن سان به رابطو ڪيو آهي. عدالت جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏيندي ٻڌڻي 26 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.