ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ هڪ ڪمپني اندر مين هول ۾ گيس ڀرجڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، ٻيو بيهوش ٿي ويو، ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ واقعو پيش آيو. پوليس موجب گودام چورنگي وٽ واقع هڪ ڪمپني اندر مين هول ۾ گيس ڀرجڻ سبب 40ورهين جو جاويد رياض فوت ٿي ويو جڏهن ته 35 ورهين جو عمران بيهوش ٿي ويو، بيهوش نوجوان کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي.