حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ هڪ شخص مبينا طور پوليس اهلڪار جي ظلم کان تنگ ٿي پاڻ ساڙي ڇڏيو. متاثر شخص هڪ هفتو اسپتال ۾ علاج هيٺ رهڻ بعد فوت ٿي ويو. جنهن جي وڊيو به وائرل ٿي آھي، هو الزام مڙھي ٿو ته هن بلديا ٿاڻي جي اسپيشل اهلڪار جي ظلم کان تنگ ٿي پيٽرول هاري پاڻ کي باھ ڏيئي ساڙيو آهي. عمير نالي اهو همراھ بلديا ٿاڻي جي حد جي علائقي غريب آباد جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي. اطلاعن موجب هن هڪ هفتو اڳ پاڻ تي پيٽرول هاري خود سوزي جي ڪوشش ڪئي. کيس ابتدائي طور سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. طبيعت خراب ٿيڻ تي کيس ڪراچي منتقل ڪيو ويو جتي هو رات دير سان فوت ٿي ويو. ڄاڻايل شخص جي جيڪا وڊيو وائرل ٿي آھي تنهن ۾ هو الزام هڻي ٿو ته بلديا ٿاڻي جي اسپيشل ڪندڙ هڪ اهلڪار غازي خان جي ظلم کان تنگ ٿي هن خود سوزي ڪئي. سندس چوڻ مطابق غازي خان مٿس دٻاءوجهندو هو ته هو منشيات جو ڪاروبار ڪري. چوڻ نه مڃڻ تي هن کيس ٽي ڀيرا ڪوڙن ڪيسن ۾ چالان ڪيو ۽ سندس گهران سون ۽ روڪ رقم به کڻي ويو. هن ٻڌايو ته سندس ٻار بک تي هئا. سندن اهڙي حالت ڏسي هو پريشان رهندو هو ۽ نيٺ هن خود سوزي جهڙو انتهائي قدم کنيو. هوڏانهن ڊي ايس پي بلديا يعقوب جٽ مطابق خود سوزي ڪندڙ شخص جنهن اهلڪار تي الزام هنيو آھي اهو ٽي مهينا اڳ ضلع بدر ٿي ويو آھي ۽ هن وقت هو ٽنڊو آدم ٿاڻي تي مقرر آھي. ڊي ايس پي موجب الزام هڻندڙ شخص ڪيترائي ڀيرا منشيات جي ڪيس ۾ چالان ٿي چڪو آھي. هن جي ڀائٽي وٽان به چار ڪلو چرس هٿ آئي هئي. سندس الزام بي بنياد آھن. واضح رهي ته خود سوزي ڪندڙ شخص جنهن اهلڪار تي الزام هنيا آھن اهو اهلڪار ڊگهو عرصو بلديا ٿاڻي تي مقرر رهيو آھي ۽اتي هو اسپشل ڊيوٽي تي مقرر هو.