نبي سرروڊ (ن پ ا) نبي سر روڊ پوليس فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي ڳوٺ ڌڻي بخش لغاري ۾ زميندار نور محمد لغاري جي زرعي زمين تي ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارن سميت 17 هارين کي بازياب ڪرائي ورتو. بازياب ٿيلن ۾ ممتاز، هاشم، مرتضيٰ، مسمات سوڍي، سلما، هدا ۽ ٻيا پڻ شامل آهن جن کي پوليس نبي سر ٿاڻي تي رکيو آهي ۽ بازياب ڪرايل سمورن هارين کي اڄ سومر جي ڏينهن سيشن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو، عدالت سڳوري کي هارين جي بازيابي لاءِ لال بخش مکراڻي درخواست ڏني هئي.