ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي يونيورسٽي ۾ 34 سال نوڪري ڪندڙ لائبريرين عارفه صديقي جي درخواست تي وي سي ۽ رجسٽرار پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران ڪاوڙ جو اظهار، وارنٽ جاري ڪرڻ جي وارننگ تي هڪ ڪلاڪ اندر ڪراچي يونيورسٽي جو رجسٽرار ۽ ڊائريڪٽر ليگل عدالت پهچي ويا، عدالت کين حاضري لڳائن جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي رٽائرڊ لائبريرين جي درخواست تي ٻڌڻي دوران ڪراچي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ۽ رجسٽرار عدالتي حڪم باوجود پيش نه ٿيڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي وارننگ ڏني. درخواست گذار جي وڪيل ٻڌايو ته عارفه صديقي 34 سال ڪراچي يونيورسٽي ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آھن. يونيورسٽي انتظاميه پينشن ادا نه ڪري رھي آھي، عدالت اڳ ئي معاملو حل ڪرڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي پر ان تي عمل ناهي ڪيو ويو، عدالت ڪراچي يونيورسٽي جي سنڊيڪيٽ اجلاس ۾ لائبريرين جو مسئلو حل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. يونيورسٽي انتظاميه جي وڪيل ٻڌايو ته درخواست ڏيندڙ جي نوڪري جو مدو 10 سالن کان گهٽ آهي جنهن ڪري کيس پينشن جو فائدو نه ٿو ڏئي سگهجي. مقرري 34 سال پراڻي آهي پر هن کي ڪنفرم 2018 ۾ ڪيو ويو.