ميهڙ(ن پ ا)ميھڙ ميونسپل ڪاميٽي جي 5 وارڊن تي پ پ پ جي ھارايل اميدوارن پاران اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ داخل درخواست تي ٻڌڻي جنھن ۾ ميونسپل ڪاميٽي ميھڙ جي وارڊ 2 تي پ پ پ اميدوار رياض ڏيرو جي درخواست رد ڪندي پي ٽي آء جي اميدوار رضوان آڳرو کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آھي جڏھن ته ميونسپل ڪاميٽي ميھڙ جي وارڊ 6 تي پ پ پ اميدوار عاقب امير سھول جي درخواست بہ رد ڪندي پي ٽي آء اميدوار نياز علي ٻرڙو کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آھي ۽ ميھڙ ميونسپل ڪاميٽي جي وارڊ 5 ، 9 ۽ وارڊ 14 بابت داخل درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو آھي. ھوڏانھن پ پ پ اميدوار پاران پي ٽي آء جي اميدوار نياز علي ٻرڙو پاران مڪاني چونڊن دوران اليڪشن عملي کي ڏنل ڌمڪين بابت آر او کي چيو ويو آھي تہ پي ٽي آء اڳواڻ پولنگ عملي کي ڌمڪيون ڏنيون آھن تہ اھي اھڙو ڪيس داخل ڪرائڻ چاھين تہ داخل ڪرائي سگھن ٿا. واضع رھي تہ مڪاني چونڊن ۾ ميونسپل ميھڙ جي 14 وارڊن مان آر او شاھد شاہ پاران پ پ پ جي 5 ، پي ٽي آء جي 8 ۽ شھيد ڀٽو جي ھڪ اميدوار کي ڪامياب قرار ڏنو ھيو جنھن کان پوء پ پ پ جي ھارايل پنج اميدوارن پاران اليڪشن ڪميشن ۾ نتيجن کي چيلينج ڪيو هو.