مسڻ (ن پ ا) مسڻ ويجھو ڳوٺ اسلام پور خالي ڪرائڻ واري ڪورٽ جي حڪم تي پوليس اٽالن ڳوٺ تي چڙھائي ڪئي. ان ڏس ۾ سلطانه آباد ٿاڻي جي حد ۾ ڪورٽ جي حڪم تي پوليس وڏن اٽالن سان ڳوٺ خالي ڪرائڻ پھتي ته ڳوٺاڻن ميرپورخاص حيدرآباد روڊ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي درڻو ھڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو. ڳوٺائڻ الزام ھڻندي چيو ته بااثر شخص اسلم مڪراني گري رشوت عيوض روينيو ڊيپارنمنٽ کان ڪاغذ ٺھرايا آھن ڳوٺاڻن مبين مجيد رمضان امام دين رفيق ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته اسين ڳوٺ ۾ 70سالن کان ويٺل آھيون پوليس اڄ بنا ڪنھن نوٽس جي اسان جي گھرن ۾ ڪاھي پئي اسان جو مسئلو حل نه ٿيو ته اسين ايس ايس پي آفيس اڳيان درڻو ھڻنداسين روڊ تي لڳل درڻي سبب ڪيتريون ئي ڳاڏيون بيھ ويون  جڏھن ته ڳوٺاڻن سان چونڊيل چيئرمين ظھير پلھ ڳالھيون ڪري روڊ کولرايو پوليس جو چوڻ آھي ته ڪورٽ جي چوڻ تي ڳوٺ خالي ڪرائڻ لاءِ آيا آھيون.