مٽياري(رپورٽر)  انتظامي نااھلي ۽ چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپي سبب مٽياري شھر جا ترقياتي منصوبا سالن کان رولڙي جو شڪار ٿي ويا آهن، جنهن سبب شھري سخت پريشانين کي منھن ڏئي رھيا آھن. مٽياري جي مين بازار ٻه سال اڳ ڏيڍ ڪروڙ جي بجيٽ سان منظور ڪئي وئي جنھن جو اڌ ڪم ڪري باقي روڊ تي کالي مٽي وجھي ڇڏي ڏنو ويو، جتي ٻن سالن کان مٽي پيل آھي. صرف ھزار ميٽر پيور بلاڪ ٻن سالن کان رولڙي جو شڪار ڪيو ويو آهي. ان کان علاوہ ساڍا ٽي ڪروڙ رپين جي بجيٽ سان منظور ڪيل مٽياري شھر جو اھم منصوبو شھر جو سرڪل روڊ جيڪو پڻ ٻن سالن کان رولڙي جو شڪار آھي ٺيڪيدار اڌ ڪم ڪري گم ٿيو تہ وري نہ لڌو، جڏھن تہ شھر جو واحد ۽ انتھائي اھم گورنمينٽ محمد دائود ميمڻ بوائز ھاء اسڪول پڻ ٽن سالن کان رولڙي جو شڪار آھي 1700 شاگردن کي تعليم جو زيور ڏيندڙ شھر جي وڏي ھاء اسڪول جو اڌ حصو ڊاھي پٽ ڪري نئين سري سان ٺھرائڻ لاء پڻ ڪروڙين رپيا منظور ڪيا ويا پر پوئين ٽن سالن اسڪول جا ڏھ ڪلاس روم بہ ٺھي نہ سگھيا آھن. ھڪ پاسي روڊن جي انتھائي خراب حالت سبب عوام سخت پريشاني جو شڪار آھي تہ ٻئي پاسي اسڪول جي عمارت ڊٺل ھئڻ سبب سوين مستقبل جي معمارن جو مستقبل داء تي لڳل آھي شھرين توڙي اسڪول جي استادن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته بجيٽ ھوندي اڌ ۾ ڇڏيل شھر جا ترقياتي منصوبا جلد تعمير ڪرائي شھرين جون مشڪلاتون ختم ڪيون وڃن.