ڪراچي ڌماڪو: 3 چيني شهرين سميت 4 ڄڻا مارجي ويا: سي سي ٽي وي فٽيجز سامهون اچي ويا

0
337

ڪراچي: ڪراچي يونيورسٽي اندر آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٽن چيني شهرين سميت 4 ڄڻا مارجي ويا، جن ۾ 2چيني عورت پروفيسرز به شامل آهن، جڏهن ته رينجرز اهلڪارن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿيا آهن

ٽائيم نيوز ڪراچي يونيورسٽي اندر ٿيل آپگهاتي ڌماڪي  جا سي سي ٽي وي فٽيجز  هٿ ڪري ورتا آهن،  فٽيجز ۾ وين کي  برقعو پهريل عورت ڀرسان  گذرندي ڏسي سگهجي ٿو

سي سي ٽي وي فٽيجز ۾  ڌماڪي وقت وين ڀرسان برقعو  پهريل عورت نظر اچي رهي آهي، جيئن ئي وين عورت جي ڀرسان پهچي ڌماڪو ٿئي ٿو

ڌماڪي بعد وين کي باهه لڳي وئي

ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ ويجهو وين ۾ ٿيو ۽ وين ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ جي هئي، ڌماڪي سبب وين کي باهه لڳي وئي

ڊي آءِ جي ايسٽ مقدس حيدر موجب  ڌماڪو هڪ لڳي 52 منٽن تي ٿيو، ڌماڪي ۾ 4 ماڻهو مارجي ويا، 3 چيني شهري به اجل جو شڪار ٿيا آهن، جن ۾  2عورتون ۽ هڪ مرد شامل آهي

مارجي ويل چيني شهرين جي سڃاڻپ

ڌماڪي  ۾ مارجي ويلن جي چيني شهرين هانگ گوپنگ، ڊنگ موپينگ، چين سائي ۽ وين ڊرائيور خالد طور سڃاڻپ ٿي آهي، اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي وقت وئن ۾ 8 کان 9 ڄڻا سوار هئا، وئن جي سيڪيورٽي لاءِ بيٺل 2 رينجرز اهلڪار به زخمي ٿي پيا

وڏي وزير مراد علي شاهه جي چائنيز قونصليٽ آمد

ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڌماڪي بعد سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه چائنيز قونصليٽ پهتو، جتي هُن چيني  قونصل جنرل کي بريف ڪيو، چيني قونصل جنرل کي

واقعي جي مڪمل طور تي جاچ  جي خاطري ڪرائي  وئي

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته  ڪجهه سازشي عنصرن کي  پاڪستان ۽ چين ڀائيواري پسند  نه آهي، امن دشمن قوتن کي شڪست ڏينداسين، سنڌ حڪومت امن لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي

دهشتگردي جي خدشي بابت اڳواٽ آگاهه ڪيو ويو هو

ڪراچي يونيورسٽي جي سيڪيورٽي شعبي طرفان مارچ مهيني ۾ چيني استادن کي سيڪيورٽي نه ملڻ تي خدشا ظاهر ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

ٽائيم نيوز 31 مارچ تي لکيل خط جي ڪاپي هٿ ڪري ورتي، خط ۾ چيو ويو ته چيني استادن سيڪيورٽي کانسواءِ اچ وڃ ڪن ٿا، کين پابند ڪيو وڃي ته رينجرز ۽ پوليس جي سيڪيورٽي بنا ٻاهر نه وڃن

وزير اعظم جو مراد علي شاهه کي فون، ڌماڪي بابت تفصيل ورتا

ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڌماڪي بعد وزيراعظم شهباز شريف وڏي وزير مراد علي شاهه سان فون تي رابطو ڪري تفصيل ورتا آهن، وزيراعظم ڌماڪي ۾ جاني نقصان تي افسوس ظاهر ڪندي سنڌ سرڪار کي هر قسم جي سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڌماڪي جو نوٽيس وٺندي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، سي ايم هائوس جي ترجمان موجب مراد علي شاهه پوليس ۽ رينجرز کي واقعي واري هنڌ جلد پهچڻ جي هدايت ڪئي آهي

وڏي وزير مراد علي شاهه آءِ جي پوليس ۽ ڪمشنر ڪراچي کان ڌماڪي جي رپورٽ پڻ طلب ڪئي آهي

ھي به پڙھندا

فريدآباد باھه واقعو: ڊي سي ۽ ميونسپل ايڊمنسٽريٽرز تي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم