نئون ڪوٽ واقعو: حيدرآباد عدالت پاران جوابدار جي ضمانت رد

0
206
نئون ڪوٽ واقعو

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ نئون ڪوٽ واقعي ۾ نارين جي اغوا واري ڪيس ۾ نامزد گرفتار جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي

جوابدار رسول بخش ٽنگڙي وڪيل ميان تاج محمد ڪيريو معرفت ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي، جسٽس محمد شفيع صديقي ۽ جسٽس ارشاد علي شاه تي مشتمل ڊويزن بئنچ ٻڌڻي ڪئي

وڪيل چيو ته رسول بخش ٽنگڙي جو ڄاڻايل واقعي سان ڪو به تعلق ناهي سندس عمر 75 سال آهي، نارين سان زيادتي واري واقعي جي ڊي اين اي رپورٽ به ڄاڻايل جوابدار سان مئچ ناهي ٿي  پيرسن اڪثر بيمار رهي ٿو ان لاءِ سندس ضمانت منظور ڪئي وڃي

جسٽس محمد شفيع صديقي جا بڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته پوليس رپورٽن موجب ته ڄاڻايل جوابدار نياڻين سان پيش آيل واقعي جي سازش ۾ شامل هو، پوليس پيپرن ۾ واضح آهي ته 164 واري بيان دوران مظلوم نياڻين ان جوابدار جو نالو به کنيو هو

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو

ياد رهي ته نئون ڪوٽ ۾ فيبروري 2022ع دوران ناري ڪنول راجپوت ۽ فضا راجپوت جي اغوا ۽ لڄالٽ وارو واقعو پيش آيو هو، پوليس ڪيس داخل ڪري مک جوابدار علي نواز ٽنگڙي سميت 2 درجن کان وڌيڪ جوابدار گرفتار ڪيا هئا

ھي به پڙھندا

فريدآباد باھه واقعو: ڊي سي ۽ ميونسپل ايڊمنسٽريٽرز تي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم