ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي نئين سِر جوڙجڪ جو فيصلو، ان ڏس ۾ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ناصر شاھ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ صوبائي سيڪريٽري نجم شاهه پاران بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته واٽر بورڊ کي منافعي بخش ۽ خودمختيار ادارو بڻائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن شهرين کي مستقل بنيادن تي پيئڻ جو صاف پاڻي ملي سگھي، جڏهن ته  سيوريج جو نظام به بهتر بڻائي سگھجي،واٽر بورڊ جا انتظام هلائيندڙ گورننگ باڊي  جي نئين سِر جوڙجڪ  ڪري ماهرن  ۽ آءِ ٽي جي شعبي سان سلهاڙيل ماڻهن کي به نمائندگي ڏني وڃي، گورننگ باڊي ۾ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين کانسواءِ سرڪاري طور تي مڪاني ادارن، رٿابندي ۽ ناڻي کاتن جا سيڪريٽري توڙي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر،  پاڻي ماهر، قانوني ماهر، تعليمي ماهر ۽ فيلڊ ايڪسپرٽ  شامل هوندا. صوبائي سيڪريٽري ٻڌايو ته ڪراچي چيمبر ۽ سول سوسائٽي کي به گورننگ باڊي ۾ نمائندگي ڏني ويندي، جنهن تي ناصر شاھ چيو ته ڪراچي جي ميئر  جي به نمائندگي هجن گهرجي. اجلاس دوران سيڪريٽري ٻڌايو ته نئين گورننگ باڊي  جي حتمي منظوري سنڌ حڪومت پاران ڏني ويندي.