ملاڪاتيار (ن پ ا) ملاڪاتيار ڀرسان يونين ڪائونسل سعيدپور واسين جو دارو آئل اينڊ گئس فيلڊ سعيدپور ۾ مقامي ماڻهن کي نظر انداز ڪري ٻين صوبن جي ماڻهن کي ڀرتي ڪرڻ ۽ ترقياتي ڪم نه ڪرائڻ خلاف دارو آئل اينڊ گئس فيلڊ جي گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن هٿن ۾ بينر ۽ پلي  ڪارڊ کڻي دارو آئل فيلڊ سعيد پور جي انتظاميا خلاف سخت نعاريبازي ڪئي، احتجاج ۾ شريڪ اڳواڻن سارنگ ملاح، مولوي صادق، ۽ ٻين ٻڌايو ته گذريل 30 سالن کان هتان جي مقامي بيروزگار نوجوانن کي مسلسل نظر انداز ڪري ٻين صوبن جي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب هتان جا بيروزگار ڳوٺاڻا فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ ته مجبور آهن، هنن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪروڙي روپين جي آئل ۽ گئس ملڻ باوجود مقامي ڳوٺن کي ترقياتي ڪم ۽ بنيادي سهولتن کان محروم رکيو ويو آهي، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي دارو آئل اينڊ گئس فيلڊ سعيدپور ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏئي مقامي ڳوٺن ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي بنيادي سهولتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن.