ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو رائيس ڪئنال ۾ صحت لاءِ ھاڃيڪار شيون اڇلائڻ بابت عوامي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري کي ملوث  ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي جي  ھدايت  ڪئي آهي،  ان حوالي سان صوبائي وزير چيو آهي ته رائيس ڪينال جو پاڻي نه رڳو آبپاشي پر پيئڻ لاءِ به استعمال ڪيو وڃي ٿو. ڪئنال ۾ صحت لاءِ هاڃيڪار شيون اڇلائڻ سان انساني صحت ۽ آبي حيات متاثر ٿئي ٿي.