ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ نجي بينڪ جي هيڊ آفيس ۾ بم جو ڪوڙو  اطلاع، پوليس جون ڊوڙون لڳي ويون. ان ڏس ۾ آءِ آءِ چندريگر روڊ تي واقع نجي بينڪ جي هيڊ آفيس ۾ بم جي اطلاع تي پوليس جي وڏي نفري پهچي وئي، بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي به طلب ڪيو ويو، بم ڊسپوزل اسڪواڊ سرچ بعد بينڪ کي ڪليئر قرار ڏنو. ايس ايس پي سٽي شبير سيٺار موجب  بينڪ جي ملازم عامر کي اي ميل آئي، جنهن ۾ بم جو اطلاع ڏنو ويو، اي ميل ڪندڙ چيو ته ذيشان کي نوڪري مان ڪڍو نه ته ڌماڪا ڪرائيندس. ايس ايس پي موجب ذاتي رنجش تان بم جو ڪوڙو اطلاع ڏنو ويو، جوابدار جي ڳولا ڪئي پئي وڃي