ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪڻڪ پوکيندڙ 20 لک هارين ۾ ٻج لاءِ 5000 رپيا في ايڪڙ ورهائڻ لاءِ تپي سطح تي ڪاميٽيون ٺاهڻ لاءِ ڊي سيز کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون، اهي  ڪاميٽيون ڪڻڪ اپائيندڙ هارين جي ڊيٽا گڏ ڪري موبائل ايپ ۾ داخلا ڪرائينديون، جنهن بعد  هارين کي 5000 رپيا في ايڪڙ  ڏنا ويندا، ان ڏس ۾ ٻوڏ متاثر آبادگارن/ هارين  کي رليف فراهم ڪرڻ واري ڪاميٽي جي اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته سنڌ حڪومت هارين کي ٻج جي سبسڊي طور روڪ رقم فراهم ڪندي، هن سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته تپيدارن، يوسي چيئرمين، زراعت کاتي جي فيلڊ اسسٽنٽ ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن تي ٻڌل ڪاميٽيون ٺاهي ڪڻڪ پوکيندڙ هارين  ڊيٽا گڏ ڪن اها ڊيٽا ربيع جي بنياد تي سهولت مرڪزن تي موبائل ايپ ۾ داخل ڪئي ويندي، زراعت واري صلاحڪار منظور وساڻ چيو ته هارين کي پوکيل ڪڻڪ جي حساب  سان رقم فراهم ڪئي ويندي.