ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي ٽرانسپورٽ ۽ اطلاعات واري صوبائي وزير  شرجيل ميمڻ پاران ييلو لائين لاءِ بسن جي خريداري شروع ڪرڻ جي هدايت، ان حوالي سان ڪالهه صوبائي وزير  شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ييلو لائين کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪيو ويو. ان موقعي تي صوابئي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ييلو لائين جي مختلف آپشنز تي ڪم مڪمل ڪيو وڃي. اسان چاهيون ٿا ته پراجيڪٽ جو دائرو وڌائي ان ۾ وڌيڪ بسون شامل ڪيون وڃن. هن چيو ته ايف ٽي سي کان بلوچ ڪالوني ۽ ايف ٽي سي کان ميٽروپول تائين ييلو لائين جي فيڊر سروس کي به پروپوزل ۾ شامل ڪيو وڃي. هن چيو ته عالمي بينڪ جي سهڪار سان شروع ٿيندڙ ييلو لائين ڪراچي شهر جو اهم پروجيڪٽ آهي. هن چيو ته هلندڙ مهيني جي آخر ۾ حيدرآباد ۾ پيپلز بس حيدر چوڪ کان هٽڙي تائين هلندي