حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڪراچي جي سچل ڳوٺ مان مبينا طور ٻارن سميت اغوا ڄاڻايل ناري واري ڪيس ۾ سنڌ  هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ نوجوان جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. جوابدار نوشاد علي پنهور زال سميت ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي. وڪيل آگاهي ڏني ته ناري زنيرين اغوا ناهي ٿي. هن گهران نڪري نوجوان نوشاد پنهور سان پسند جو پرڻو ڪيو آهي، جنهن بعد سندس اڳوڻي مڙس زال جي اغوا جو ڪوڙو ڪيس نوشاد سميت 3 ڄڻن خلاف داخل ڪرايو هو. عدالت دليل ٻڌڻ بعد نوجوان جي 5 هزار رپين عيوض ضمانت منظور ڪندي کيس هفتي بعد ٻيهر عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. ناري جي اڳوڻي مڙس نويد احمد 4 جون 2022ع تي سچل ٿاڻي پهچي زال زنيرين ٻارن محمد ۽ مهڪ جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو هو. ڪيس ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته هو مزدوري تي ويل هو. 30 مئي 2022ع تي صحبت علي، اسماعيل ۽ نوشاد پنهور گهر ۾ داخل ٿيا جن سندس زال کي ٻارن سميت اغوا ڪيو ۽ گهر ۾ پيل سونا زيور ۽ روڪ رقم به کڻي ويا آهن.