حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد جي نسيم نگر واري علائقي ۾ فليٽ مان قانون جي شاگرد اشفاق شر جي مبينا ڦاهو کاڌل لاش هٿ اچڻ واري معاملي جو سول جج نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي قاسم آباد کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 7 جاويد علي ڪوريجو 21 جون تي ڊي ايس پي قاسم آباد مخدوم غلام مصطفيٰ، ايس ايڇ او قاسم آباد ۽ ايس ايڇ او نسيم نگر کي رڪارڊ سميت عدالت ۾ به پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. 12 جون تي ٺري ميرواھ سان تعلق رکندڙ ايل ايل بي پارٽ 4 جي شاگرد اشفاق شر جو نسيم مال ۾ قائم فليٽ مان مبينا ڦاهو کاڌل لاش مليو هو. سندس وارثن پاران شاگرد جي قتل جو شڪ ظاهر ڪرڻ بعد پوليس ڀاءُ امتياز شر جي فرياد تي اڻڄاتل ماڻهن خلاف قتل جو ڪيس پڻ داخل ڪيو هو پر نسيم نگر پوليس توڙي ڊي آءِ جي پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي اڃا تائين ڪا اڳڀرائي ناهي ڪئي جنهن بعد هاڻي معاملي جو سول جج نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي ۽ ٻين کي تفصيلي رپورٽ سميت عدالت ۾ طلب ڪري ورتو آهي. ياد رهي ته شاگرد جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ به پوليس کي فراهم ٿي چڪي آهي پر پوليس لاڳيتو ڄاڻايل ڪيس ۾ لاپرواهي جو مظاهرو پئي ڪري جنهن ڪري اڃا تائين شاگرد جي مبينا آپگهات وارو معاملو ڳجهارت بڻيل آهي.