ڪراچي: سينٽرل پوليس آفيس سامهون پاڻ کي باهه ڏيندڙ سب انسپيڪٽر فوت

0
581

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ جي آفيس اڳيان پاڻ کي باهه ڏئِي آپگهات ڪندڙ ميرپور خاص واسي پوليس اهلڪار جو مڙهه ملير ۾ دفنايو ويو، سب انسپيڪٽر مظفر چانڊيو جي جنازي نماز دوران وڏي انگ ۾ ماڻهن جي شرڪت، سب انسپيڪٽر کاتي جي اعليٰ آفيسرز جي رويي کان تنگ ٿي آءِ جي آفيس آڏو پاڻ کي باهه ڏني هئي، وارثن واقعي کي قتل قرار ڏيندي سب انسپيڪٽر کي تنگ ڪندڙ آفيسرز خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سب انسپيڪٽر جي وارثڻ چيو آهي ته مظفر چانڊيو کي انڪوائريز جي بهاني سان لڳاتار تنگ ڪيو ويو، اهلڪار آءِ جي سنڌ ۽ سي پي او آفيس ۾ شڪايتون ڪيون پر ڪوبه تدارڪ نه ٿيو، لڳاتار ذهني ٽارچر کانپوءِ ماڻهو آپگهات نه ڪندو ته ٻيو ڇا ڪندو؟ سب انسپيڪٽر جي وارثن طرفان واقعي جي شفاف جاچ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاج جو چتاءُ ڏنو ويو آھي.