ڪورونا وائرس جو خوف: اڪثر آسٽريلوي ڪرڪيٽر آءِ پي ايل اڌ ۾ ڇڏي ملڪ واپس هليا ويا

0
469

ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي بدترين صورتحال سبب خوف ۾ ورتل آسٽريلن ڪرڪيٽرز انڊين پريميئر ليگ(آءِ پي ايل) اڌ ۾ ڇڏي ڏيهه واپس موٽي رهيا آهن، جڏهن ته ڀارتي آف اسپنر روي چندرن ايشون به ليگ مان هٿ کڻي ويو آهي. ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي بدترين صورتحال باوجود انڊين پريميئر ليگ جاري رکڻ تي انتظاميا مٿان سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي، ڇاڪاڻ ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڀارت ۾ ساڍا 3 لک کان وڌيڪ ڪيس سامهون آيا آهن ۽ تقريبن 3 هزار شهري فوت پڻ ٿيا آهن. صورتحال خراب ٿيڻ سبب آءِ پي ايل ۾ شامل پرڏيهي رانديگر تيزي سان پاسيرا ٿيندا پيا وڃن. ليگ ۾ راجستان رائلز جي نمائندگي ڪندڙ اينڊريو ٽائي ممبئي کان دوحا پنهنجي اباڻي شهر سڊني واپس موٽي ويو، جنهن جو سبب سرحدن جي بندش آهي. انيڊريو ٽائي انڪشاف ڪيو ته ڪجهه ٻيا رانديگر به مون سان رابطو ڪيو آهي ۽ سوال ڪي رهيا هئا ته اسان به واپس اچڻ گهرون ٿا، اوهان ڪهڙ ي رستي ڏيهه واپس آيا آهيو، اسان کي به ٻڌايو ته اسان به واپس اچون. ٻئي پاسي آسٽريلين ڪرڪيٽر ايڊم زامپا ۽ ڪين رچرڊسن به ڏيهه واپس موٽي ويا، جنهن جي سندن فرنچائز رائل چيلينجرز بنگلور تصديق ڪئي آهي. رائل چيلينجرز بنگلور ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته ايڊم زامپا ۽ ڪين رچرڊسن ذاتي سببن جي ڪري ملڪ واپس ويا آهن. ڪورونا صورتحال ۾ رڳو آسٽريلين ڪرڪيٽر نه پر ڀارت جي مشهور رانديگر اسپنر روي چندرن ايشون به ايڊيشن مان هٿ کڻي ويو آهي. ٻئي پاسي ڀارت جي مشهور انگريزي اخبار ملڪ ۾ مايوس ڪندڙ صورتحال باوجود انڊين پريميئر ليگ جو ايونٽ جاري رکڻ تي احتجاج ٽورنامينٽ جي ڪووريج کان انڪار ڪري ڇڏيو.