ميرپورخاص (بيورو) کنڊ اسڪينڊل سٽيبازي ڪيس ۾ گرفتار جگل ڪشور جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي 20 اپريل تائين ملتوي. ايف آئي اي ھٿان گرفتار کنڊ اسڪينڊل سٽيبازي ڪيس ۾ جگل ڪشور تي مني لانڊرنگ، دوکي بازي ۽ فراڊ جي قلمن تحت ڪيس داخل آھي، جنھن جي گرفتاري کان پوءِ واري ضمانت جي درخواست تي ڪالھه ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، جتي جوابدار جگل ڪشور پوليس رمانڊ تي ھئڻ ڪري ضمانت جي درخواست تي دليل نه ٿي سگھيا، جنھن تي عدالت 20 اپريل تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.