شڪارپور (رپورٽر) ڳڙھي ياسين ڀرسان 2 مھينا اڳ ڳوٺ مارون ڪاڪيپوٽو ۾ قتل ٿيل سھيل ڪاڪيپوٽو جي مک جوابدار جي گرفتاري لاءِ شڪارپور ۽ ڊکڻ پوليس دڙي جاکري تي ڪارروائي ڪري مک جوابدار سليم ڪاڪيپوٽو کي ٽي ٽي پسٽل ۽ 4 گولين سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، گرفتار جوابدار خلاف ڊکڻ ٿاڻي تي ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي، ياد رھي ته 2 مھينا اڳ ڳڙهي ياسين شهر جي دايا پاڙي جي رھواسي سهيل ڪاڪيپوٽو کي ڳوٺ مارون ڪاڪيپوٽا ويندي هٿياربندن اغوا ڪيو ويو هو، جنهن جو چئن ڏينھن بعد دڙي جاکري لنڪ روڊ تان گوليون لڳل لاش هٿ آيو ھو.