ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت تازو اسلام قبولي پرڻايل نابالغ نينگري آرزو فاطمه جي مڙس هجڻ جي دعويدار علي اظهر پاران آرزو فاطمه جي حوالگي بابت داخل ڪيل هڪ ٻي درخواست پڻ رد ڪري ڇڏي، پٽيشنر علي اظهر درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته آرزو اسلام قبول ڪري چڪي آهي، اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ آرزو تي اسلامي ۽ شرعي قانون لاڳو ٿين ٿا. واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ آرزو فاطمه کي شيلٽر هوم موڪلڻ جو حڪم ڏنو هو.