ميرپورخاص (بيورو) ايس ايچ او ڪنور سنگھه سوڍي جي گھر مان پوڻن 2 ارب رپين جي منشيات هٿ اچڻ واري ڪيس جو چالان جمع نه ٿي سگھيو، اي اين ايف کي وڌيڪ 10 جي مھلت ملي وئي، عدالت 26 اپريل تي چالان جمع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. خبر موجب 3 ھفتا اڳ گلبرگ ٽائون ٿاڻي جي حد گلبرگ ٽائون ۾ اينٽي نارڪوٽڪس فورس اپو ھڻي ميرواھ گورچاڻي ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايچ او ڪنور سنگھه جي گھر مان پوڻن 2 ارب رپين جي منشيات ھٿ ڪري مٿس ڪيس داخل ڪرايو هو پر اڃا تائين جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي آھي، جنھن جو عبوري چالان ڪجھه ڏينھن اڳ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو. گذريل ڏينهن اي اين ايف عملدار فرسٽ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ٿيا پر پڪو چالان پيش نه ٿي سگهيو. ڪالھه ٻڌڻي دوران عملدارن عدالت کي گذارش ڪئي ته جوابدار روپوش ھئڻ ڪري گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي آھي، جنھن ڪري اسان کي وڌيڪ ڏهن ڏينھن جي ملھت ڏني وڃي ته جيئن پڪو چالان پيش ڪري سگهجي. عدالت اهڙي استدعا منظور ڪندي 26 اپريل تي پڪو چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ياد رھي منشيات ھٿ اچڻ بعد ڊي آءِ جي ميرپورخاص ذوالفقار علي مھر نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ٿرپارڪر حسن سردار نيازي کي ھفتي اندر جاچ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو، پر 3 ھفتا گذرڻ باوجود جاچ رپورٽ پيش نه ٿي سگھي آهي.