حيدرآباد: حيدرآباد جي علائقي مدينه ٽائون مان بلديا پوليس پاران گهران کنڀي مبينا مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪيل نوجوان عامر چنا جا وارث سراپا احتجاج بڻجي ويا آهن. گذريل ڏينهن نوجوان جي والده مسمات حورا چنا، سندس ڀاءُ اڪرم چنا ۽ چاچي شهمير چنا ٻين وارثن سان گڏجي پريس ڪلب ۽ ايس ايس پي آفيس آڏو پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ان موقعي تي مظاهرين ٻڌايو ته 16 آڪٽوبر تي ايس ايڇ او بلديا ضياد علي نوناري پوليس اٽالن سان سندن گهر تي چڙهائي ڪئي ۽ چادر چئوديواري جو تقدس پئمال ڪري چئن ڄڻن کي کنڀيو ۽ بعد ۾ ٽن ڄڻن کي آزاد ڪري ريزڪي دڪان هلائيندڙ نوجوان عامر چنا کي پير ۾ گولي هڻي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته نوجوان خلاف ڪنهن به ٿاڻي تي ڪيس داخل ناهي ٿيل. پوليس ساڻن ظلم ڪيو آهي ان لاءِ ايس ايس پي معاملي جو نوٽيس وٺي. بلديا پوليس 17 سيپٽمبر تي دعويٰ ڪئي ته انهن نوجوان عامر چنا کي ناگو شاهه واري علائقي ۾ پوليس مقابلي ۾ زخمي ڪرڻ بعد گرفتار ڪيو آهي. نوجوان جي وارثن پاران ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج بعد ايس ايس پي آفيس ۾ موجود عملدارن ساڻن ڳالهيون ڪري خاطري ڪرائي ته واقعي جي جاچ ڪئي ويندي جنهن بعد مظاهرين پنهنجو احتجاج ختم ڪري ڇڏيو.