حيدرآباد: ڇلگري ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه تي ٽنڊو سعيد خان وٽ 20 ڏينهن اڳ ڪراچي کان مورو رقم کڻي ويندڙ سيڪيورٽي ڪمپني جي وين مان ٿيل ڦر واقعي جي فريادي زونل مئنيجر جاويد اقبال راجپوت جو چوڻ آهي ته پوليس ڦورن کان 5 ڪروڙ 10 لک رپيا رقم هٿ ڪرڻ بابت ٻڌايو آهي ۽ هاڻي هو ڄاڻايل رقم جي وصولي لاءِ عدالت سان رجوع ڪندا. زونل مئنيجر موجب ته وين مان 28 سيپٽمبر تي 15 ڪروڙ 29 لک رپيا روڪ رقم، 2 رپيٽر ۽ 3 عدد ٽي ٽي پستول ڦر ٿيا هئا.